پير نبي شاهه بخاري رحه جي مزار

پير نبي شاهه بخاري رحه جي مزار

پير نبي شاهه بخاري رحه

پير نبي شاهه بخاري رحه: هن بزرگ جي مزار شڪارپور جي نبي شاهه محلي ۾ آهي. فقيرن جي مطابق هي بزرگ مديني شريف کان تبليغ جي واسطي شڪارپور ۾ آيو. مزار جي لڳ جامع مسجد آهي، جا به سندس نالي سان سڏجي ٿي. چيو وڃي ٿو ته هن بزرگ اها مسجد تعمير ڪرائي، جنهن ۾ ويهي درس و تدريس ۽ تبليغ جو ڪم ڪندو هو.
رجب مهيني جي 13 تاريخ تي هر سال هن پير تي ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي، وچين ڌمال تي سيد حاجن شاهه ماڙيءَ وارو پڻ ايندو هو. هن ميلي ۾ ننگر نياز کان علاوه راڳ جي محفل پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ فنڪار عارفاڻو ڪلام ڳائيندا آهن. حضرت پير نبي شاهه بخاريرح جون ڪيئي ڪرامتون پڻ مشهور آهن. پاڻ عالم ۽ ولي هو. سندس مزار جي پويان سندس همشيره بي بي سائڻ جي مزار آهي. مزار جي بلڪل آمهون سامهون ٿلهي تي سندس فقيرٺڪر شاهه بادشاهه جي مزار آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو به ساڻس گڏ آيو هو. هن بزرگ جي نالي جي نسبت سان هي محلو ئي نبي شاهه محلو سڏجي ٿو. محمد اسحاق عرف دادن فقير ٿهيم هن مزار جو خاص خدمتگار هو، جو تازو 17 فيبروري 2011ع تي گذاري ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو